ڀُرٽ-بکڙو-ٽڪنڊي ڦ

ڀُرٽ-بکڙو-ٽڪنڊي ڦـل:Puncturevine (Tribulus Terristris) هن کي انگريزيءَ ۾ Small Corpos or Puncture vine، فارسيءَ ۾ خارخسڪ، گجراتيءَ ۾ بٺيو گوکهرو، سنسڪرت ۾ اگوڪ شوري، هنديءَ ۾ گوکرو ۽ بنگاليءَ ۾ گوک شورا ۽ پنجابيءَ ۾ بکهرا چئبو آهي. هن جو تعلق پن ميلاپي Zygophylaceae آڪهه سان آهي. هيءَ مشهور ٻوٽي آهي. سنڌ جي بئراجي علائقن ۾ جام ٿئي ٿي. پن چڻن جي پنن وانگر هوندا آهن. پنجن ڪنڊن وارو داڻو به پنن سان گڏ ٿيندو آهي. انهيءَ کي ڀُرٽُ چيو وڃي ٿو. هن ٻوٽي کي ٻڪري ۽ اٺ عام جام کائي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو